فيض آباد ڌرڻو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 6 مئي تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
وفاقي حڪومت طرفان فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.
ياد رهي ته 16 اپريل تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 2017 واري ڌرڻي ي جاچ لاءِ ٺاهيل فيض آباد ڌرڻو ڪميشن پنهنجي رپورٽ وفاقي حڪومت کي موڪلي هئي جنهن ۾ ٻين شين کانسواءِ انٽيليجنس ايجنسين جي ڪم کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ قانونسازي ۽ قانونن جو مسودو تيار ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.