پيپلزپارٽي آزاد ۽ خود مختار پريس جي حامي آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي دنيا جي صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز سان ٻڌي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي آزاد ۽ خود مختار پريس جي حامي آهي، آزاد ۽ خود مختار پريس جو جمهوري عمل کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار آهي.
آزاد صحافت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد صحافت نه رڳو جمهوريت جو بنياد آهي پر شفافيت، احتساب ۽ معاشري سٺڻ خيالن جي پکيڙ لاءِ به ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته آزاد صحافت جي بنيادي حق جو تحفظ ۽ ان جي پاسداري تي جمهوري حڪومت توڙي پارٽي جي ذميواري هئڻ گهرجي، تاريخي طور پريس ملڪ ۾ هڪ واچ ڊاگ طور ڪم ڪيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني پريس ناانصافين کي وائکو، ڪرپشن جي نشاندهي ۽ پٺتي پيل طبقن جو آواز اٿاريو آهي، صحافين کي پيش ايندڙ سينسرشپ، ڪوڙين خبرن ۽ تشدد جهڙن چئليجن تي ڳڻتي آهي.
هن چيو ته ميڊيا ادارا پنهنجي رپورٽنگ ۾ غيرجانبداري ۽ پيشوراڻي اصولن جي پاسداري برقرار رکن، پ پ هميشه جمهوريت ۽ آزادي جي اصولن تي ٻڌل آزاد صحافت جي حمايت ڪئي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جي آئين ۾ اظهار جي آزادي جي راءِ ۽ آزاد صحافت جي ضمانت قائد عوام شهيد ڀٽو جي ليگيسي آهي، قائد عوام جي قيادت ۾ ٿيل سڌارن ميڊيا جي پاليسين کي لبرل بڻايو ۽ وڌ کان وڌ آزادي کي هٿي وٺرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.