ٻاهران ڪڻڪ گهرائڻ وارو اسڪينڊل، وزيراعظم معاملي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف اضافي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ واري اسڪينڊل کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ واري اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي جي شروعاتي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب، وزيراعظم ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي ذميوارن جو پتو نه لڳائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف اضافي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي جاچ لاءِ قائم ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ٻي چار رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
چار رڪني ڪميٽي جي سربراهي ڪابينا ڊويزن سيڪريٽري ڪامران علي افضل ڪندو جڏهن ته ڪميٽي ميمبرن ۾ شڪيل احمد مڱڻيجو، ايڊيشنل سيڪريٽري امجد محمود ۽ واپار واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري حسن علي منگي شامل آهن.
ڪميٽي اضافي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ بابت قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺندي.
ذريعن موجب، چار رڪني ڪميٽي ايل سيز کي اوپن ڪرڻ ۽ فيبروري بعد ڪڻڪ گهرائڻ جي ذميوارن جو پتو به لڳائيندي.
ڪميٽي کي چئن ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
فوڊ سڪيورٽي واري وزارت نئين چار رڪني ڪميٽي کي سيڪريٽريٽ سپورٽ فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي.
نئين ڪميٽي جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.