ڪراچيءَ ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جي گڏاپ،  ڪاٺوڙ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ماهرن موجب زلزلي جي شدت 2.3 هئي، جڏهن ته ان جي گهرائي 84 ڪلوميٽر زمين اندر هئي، زلزلي جو مرڪز ملير کان 38 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو. زلزلي جا لوڏا مقامي وقت موجب 5:52 تي رڪارڊ ڪيا ويا. زلزلي سبب ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

  1. نگران وفاقي حڪومت 35 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ ٻاهران  گهرائي

اسلام آباد (بيورو)  نگران وفاقي حڪومت جي دور ۾  ٻاهران گهرايل ڪڻڪ  جو تفصيل سامهون اچي ويو، مليل ڄاڻ  مطابق نگران حڪومت جي دور ۾ روس، يوڪرين، بلغاريا، ۽ رومانيا مان ڪل 35 لک 87 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ پاڪستان گهرائي وئي، ملڪ ۾ وقفي وقفي  ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ سبب ڪڻڪ جا وافر ذخيرا هجڻ جي ڪري مقامي مارڪيٽ ڪريش ڪئي وئي، هاري تنظيمن جو مطالبو آهي ته حڪومت هن معاملي جي انڪوائري ڪري  ذميوارين کي آخري انجام تائين پهچائي.

  1. حماد اظهر ۽ مفتاح اسماعيل  وچ ۾ سوشل ميڊيا تي گرما گرمي

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر وچ ۾ سوشل ميڊيا تي گرما گرمي ٿي پئي،  نيب طرفان ايل اين جي ڪيس واپس وٺڻ  کانپوءِ مفتاح اسماعيل سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لکيو ته پاڪستاني سياست ۾ عقلمندي ۽ اخلاقي جرئت ختم ٿي وئي آهي، ڪنهن به پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهد خاقان کي مبارڪباد نه ڏني آهي. جنهن جي ردعمل تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر لکيو ته سڀ کان وڌيڪ خراب ڳالهه اها آهي ته ڪنهن تي ڪوڙو الزام لڳايو وڃي ۽ سخت ڪردار ڪشي جهڙين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، حماد اظهر پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته مفتاح ڀاءُ توهان 9 مئي بعد انهن هزارين ماڻهن لاءِ آواز ناهي اٿاري جيڪي ڪوڙن الزامن، قيد ۽ تشدد کي منهن ڏيندا رهيا. جواب ۾ مفتاح اسماعيل لکيو ته حماد ڀاءُ، مون کي توهان کان عقلمندي ۽ اخلاقي جرئت جي اميد هئي، ڇو ته توهان ۽ اسد عمر کي خبر هئي ته مون ۽ شاهد خاقان عباسي ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي.

  1. سمورين پارٽين سان ڳالهائينداسين، مولانا رابطي ۾ آهي: اسد قيصر

راولپنڊي (م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته هو مولانا فضل الرحمان سان رابطي ۾ آهي ۽ تمام  پارٽين سان به ڳالهيون ڪندو، اسد قيصر چيو ته جيڪو به فيصلو ڪنداسين سوچي سمجهي ڪنداسين، سوني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ضرور ٿيا آهيون پر سياسي فيصلو اسان جو پنهنجو هوندو. عمران خان سان ملاقات بعد اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر جو چوڻ هو ته اڄ اسان جي سينيئر قيادت جي عمران خان سان تفصيلي ملاقات ٿي آهي، جيل انتظاميا جي رويي جي مذمت ڪريان ٿو، عدالتي حڪمن باوجود وڏو انتظار ڪرايو ويو، جيل انتظاميا خلاف عدالت ۾ وينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.