آمريڪا کي فوجي اڏا ڏيڻ جي افواهن ۾ ڪا صداقت ناهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن پرڏيهي حڪومت کي اڏا فراهم نه ڪندو. پرڏيهي ترجمان هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جا آمريڪا ۽ ايران سان سٺا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن سان قومي مفاد ۾ پنهنجن لاڳاپن کي وڌائينداسين، پاڪستان، چين ۽ ايران ٽه ڌريون ڳالهيون اهم آهن، هن وقت تائين انهن ڳالهين جي تاريخ طئي ناهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ رابطن جا مختلف چينلز آهن، ايران سان سهڪار وڌائڻ لاءِ رابطا جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته ڀارتي نيٽ ورڪ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏکڻ ايشيا ۾ سرگرم هو، ڀارت جي عدالت کان مٿانهن قتلن جو نيٽ ورڪ دنيا ۾ پکڙجي چڪو آهي، پاڪستان ڀارتي ايجنٽن جي حملن جون شاهديون دنيا سامهون رکيون، ڀارتي عمل عيرقانوني ۽ عالمي قانونن جي ڀڇڪڙي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.