ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ ناردرن بائي پاس جي چوڌاري ڪنڊيدار تار لڳائڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊي آءِ جيز، هيڊ ڪوارٽرز، سي ٽي ڊي،آر آر ايف،ويسٽ، ايسٽ، ايڊمن کان علاوه اي آءِ جيز، آپريشنز، ايڊمن ۽ايس ايس پي اي وي ايل سي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڏوهارين جي آمد و رفت کي روڪڻ لاءِ ڪراچي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي نگراني جو نظام لازمي آهي. ڏوهاري واقعي کانپوءِ اهي رستا استعمال ڪري فرار ٿي ويندا آهن.