پشاور(عوامي آواز نيوز)ملڪ جو کاٻي ڌر جو ناليوارو اڳواڻ،نيشنل پارٽي پختونخوا وحدت جو اڳوڻو صدر مختيار باچا لاڏاڻو ڪري ويو،سندس جنازي اڄ پشاور باغ ناران ۾ ادا ڪئي ويندي مرحوم ليفٽ جو وڏو دانشور سمجهيو ويندو هو، مختيار باچا بونير جي پيربابا جي خاندان سان تعلق رکندڙ هو، پيربابا ۽ هن جي شاگرد رشيد آخوند درويزه جائيداد مالڪن ڏانهن لاڙو رکندڙ پشتون اشرافيه سان گڏجي بايزيد انصاري المعروف پيرو روشان جي تحريڪ جي مخالفت ڪندي مغل بادشاهه اڪبر جو ساٿ ڏنو پر بعد ۾ ان خاندان سک ۽ انگريز عملداري خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي،مختيار باچا ان مزاحمت جي روايت کي برقرار رکندي پنهنجي وقت جي انقلابي تحريڪن جو حصو بڻيل رهيو، هو وڏي عرصي تائين ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان ڳنڍيل رهيو بعد ۾ بلوچستان نيشنل موومينٽ ۽ پوءِ نيشنل پارتي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو،ڪينسر جو مرض هئڻ باوجود هن پنهنجي پاڻ کي عوام دوستي جي جدوجهد کان الڳ نه ڪيو، نيشنل پارٽي ڪي پي وحدت ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي، ٻئي پاسي نيشنل پارٽي جي اڳوڻي سربراهه ۽ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، سينيٽر جان بليدي ۽ ٻين اڳواڻ مختيار باچا کي ڊگهي جدوجهد ۽ استقامت تي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي