حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو ۽ نور نبي پليجو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جو امن امان بابت اجلاس ڊرامو آهي. سنڌ مان ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن جا سکڻا اعلان ڪيا ويا آهن. ڌاڙيلن کي پاليندڙ ۽ سھولتڪار به اڪثر پيپلزپارٽي جا سردار ۽ چونڊيل نمائندا آھن. پيپلزپارٽي جي حڪومت ڌاڙيلن جو خاتمو ڪرڻ نٿي چاھي. ڌاڙيلن خلاف آپريشن جا سکڻا اعلان ڪري ڪروڙين روپيا بجيٽ رکي اھا ھڙپ ڪئي وڃي ٿي. ھن دفعي به ائين ڪيو ويندو. درياءُ جي ڪچي جي زرخيز زمينون ڌاڙيلن حوالي ڪيون ويون آھن، اُھي زمينون مقامي بي زمين سنڌي ھارين کي ڏنيون وڃن. هن چيو ته ايس ايس پي، سردار، بااثر جاگيردار ۽ ڌاڙيل پاڻ ۾ گڏيل عوام دشمن ٽولي طور ڪم ڪن ٿا جن عوام جي زندگي زھر ڪري ڇڏي آھي. هنن چيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت وسيلي اداري کي بي اثر بڻايو ويو آهي.