چين ۾ تيز برساتون،فوتين جو انگ 48 ٿي ويو

بيجنگ/ ابوظهبي/ رياض (م ڊ) چين ۾ تيز برساتن  سبب ڪيترائي روڊ رستا بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته روز هاءِ وي جو هڪ حصو ڪري پيو. جنهن سبب 20 گاڏيون حادثي جون شڪار ٿيون، جن ۾ 54 ماڻهو سوار هئا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب وچ ۽ اوڀر گوانگ ڊانگ ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ 600 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا هن سال چين ۾ معمول کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي.سعودي عرب جي رياض، الخرج، القاسم، بريده، دمام، الخوبر، الاحساء، الجبيل ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات پئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شهرن جا مکيه شاهراه ۽ انڊر پاس ٻڏي ويا آهن. ٻئي طرف دبئي ۽ ابوظهبي ۾ تيز برسات پئي، جنهن سبب ايئرپورٽ تي مسافرن لاءِ متبادل ٽرانسپورٽ پلان تيار ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.