لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ پير شير ۽ ڳوٺ حسو جتوئي جي رهواسي آبادگارن ۽ هارين بارداڻو نه ملڻ خلاف وڳڻ روڊ تي خوراڪ کاتي جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن صدام حسين جتوئي، سعيد احمد جتوئي، شير محمد جتوئي، منظور چنو، شهمير گهانگهرو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڪڻڪ جو فصل تيار آهي، جيڪو سرڪار کي وڪرو ڪرڻ لاءِ بارداڻي لاءِ روزانو جي بنياد تي خوراڪ کاتي جي آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر روزانو جي بنياد تي اسان کي ڪوڙا دلاسا ڏئي اهو باردانو واپارين ۽ بااثرن کي ڏنو پيو وڃي جنهن ڪري اسين اوپن مارڪيٽ ۾ 2 هزار کان 3200 رپين ۾ ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهيون، جنهن سان اسان جو فصل تي ٿيل خرچ به نه ٿو نڪري ويتر باردانو فراهم نه ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير ۽ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته باردانو فراهم ڪري خوراڪ کاتي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.