سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ جو اگهه وڌيڪ ڪِري پيو، احتجاجي مظاهرن جو اعلان

لاهور (بيورو) حڪومت پاران ڪڻڪ نه خريد ڪرڻ سبب اگهن م وڌيڪ گهٽتائي ٿي وئي. پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هاري 2800 رپيا في مڻ ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. هوڏانهن پنجاب حڪومت ۽ هارين وچ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو معاملو به طئي نه ٿي سگهيو آهي. خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب ننڍن هارين کي ڪسان ڪارڊ ذريعي امداد ڏيڻ جو سلسلو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته فلور ملز، سيڊ ملز ۽ واپارين ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ مارڪيٽن جو رخ ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي طرف هاري اتحاد جي صدر خالد ٻاٽ ۽ هاري بچائو آرگنائيزيشن جي اڳواڻ جاويد سلطان جو چوڻ آهي ته حڪومت جي بي حسي خلاف  سڀني ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. هاري پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ ڪڻڪ رستن تي رکي احتجاج ڪندا، کين مارڪيٽ جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.