پاڪ – چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي: گهرو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪ، چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪا سازش ڪامياب نٿي ٿي سگهي.
وفاقي گهرو وزير مهسن نقوي ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني پهتو جتي چين جي قونصل جنرل سندس آجيان ڪئي.
گهرو وزير جي ترجمان موجب محسن نقوي چيني قونصل جنرل سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ چيني شهرين جي سيڪيورٽي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ان دوران گهرو وزير چيني شهرين جي حفاظت بابت اپائن کان کيس آگاهه ڪيو.
ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي عزيز آهي، چيني شهرين جي اچ وڃ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل درآمد ڪيو پيو وڃي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ اسان جو فرض آهي، پاڪ، چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪا سازش ڪامياب نٿي ٿي سگهي.
چيني قونصل جنرل سيڪيورٽي پلان تي اطمينان جو اظهار ڪيو…..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.