ايپڪس ڪميٽي اجلاس، ٻارن کي منشيات کان محفوظ رکڻ لاءِ اسڪولن جي سخت نگراني جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسڪولن کي منشيات کان محفوظ رکڻ لاءِ تکي نظر رکي ويندي ۽ منشيات جي عادين جي بحالي لاءِ ادارا قائم ڪيا ويندا. وڏي وزير هدايت ڪئي ته منشيات جي خاتمي لاءِ ٻين صوبن ۽ وفاقي ادارن سان گڏجي آپريشن تيز ڪيو وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪاميٽي جو 31هون اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، گهرو وزير ضياءَالحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب، چيف ڪليڪٽر ڪسٽمز يعقوب ماڪو، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي زعيم اقبال ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هي اجلاس گذريل ايپڪس ڪاميٽي جو تسلسل آهي، صدر پاڪستان آصف علي زرداري امن امان تي ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس ڪيو، صدر ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي سهولتڪارن کي به پڪڙ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر پاڪستان زمينن تي قبضن کي ناقابلِ برداشت قرار ڏنو. صدر جي حڪمن تي سنڌ حڪومت مڪمل عمل ڪندي.
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سخت اپاءَ وٺي رهي آهي، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڀنگ لاءِ اغوا لاءِ حڪمت عملي ٺاهي آهي، انهن سڀني محرڪن تي ڪم ٿي رهيو آهي جيڪي اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جو سبب بڻجي رهيا آهن. سنڌ حڪومت ڊرگ مافيا ۽ اسمگلنگ خلاف ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي.
ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس واري وزير شرجيل انعام ميمڻ بريفنگ ڏني.
هن ٻڌايو ته منشيات جي ڪاروبار ۾ هڪ نائيجيرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، حيدرآباد ۾ ٽن منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ هو مارجي ويا، منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث 164 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ 166 گرفتاريون ٿيون آهن.
هن ٻڌايو ته 4 ڪلو 380 گرام هيروئن، 419 ڪلو 472 گرام چرس، 12 سئو ڪلو ڀنگ هٿ ڪئي وئي آهي جڏهن ته 27 گاڏيون ۽ 22 موٽرسائڪلون برآمد ڪيون ويون.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪولن تي تکي نظر رکي ويندي ته جيئن منشيات کان ٻارن کي محفوظ رکي سگهون جڏهن ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ ادارا قائم ڪيا ويندا.
وڏي وزير هدايت ڪئي ته ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڊپارٽمينٽ ٻين صوبن ۽ وفاقي ادارن سان گڏجي آپريشن تيز ڪري.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان رابطي ۾ آهيون.
ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته منشيات خلاف آپريشن ۾ سنڌ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.