اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم جي زال بشريٰ بي بي جي بني گالا سب جيل کان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشريٰ بي بي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، بشريٰ بي بي طرفان وڪيل عثمان رياض گل عدالت سامهون پيش ٿيو.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته بشريٰ بي بي کي ڪنهن ڪنهن ڪيس ۾ ڪڏهن سزا ٿي؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته بشريٰ بي بي کي توشاخانا ۽ عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ سزا ٿي، ٻنهي ڪيسن ۾ غيرقانوني طريقي سان ٽرائل هلائي سزا ڏني وئي.
وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سزا ٿيڻ بعد گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندو آهي جيڪو جيل سپرنٽينڊنٽ کي ڏبو آهي، توشاخانا ۾ 31 جنوري جڏهن ته عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ 3 فيبروري تي سزا ٿي.
وڪيل جي دليلن ۽ موقف کانپوءِ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن منهنجي مرضي سان مون کي گهر ۾ قيد ڪيو وڃي ته مان خوش ٿيندس، قيدي جي مرضي خلاف ان جي پراپرٽي کي سب جيلن ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو؟
تنهن بعد عدالت بشريٰ بي بي کي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
You might also like