ڪراچي ۽ ڪچي ۾ ڏوهه ختم ڪرڻ ۾ ناڪام آفيسر هٽائڻ جي هدايت، قبضا ختم ڪيا وڃن\صدر زرداري

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري طرفان سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ  ۽ ڪراچي شهر سميٿ ٻين شهرن ۾ امن امان جي سخت خراب ٿيل حالت  تي نوٽيس وٺندي سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، صدر جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ ماڻهن جي اغوا ۾ جيڪو به ملوث هجي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اهڙو اظهار هن ڪالهه امن امان بابت اجلاس ۾ بريفنگ دوران ڪيو. صدر سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جي ڀرپاسي وارن علائقن جي حفاظت لاءِ درياهه جي ساڄي ڪناري تي پوليس چوڪيون قائم ڪيون وڃن،ڪچي وارن علائقن ۾ قبائلي تڪرارن جي حل لاءِ ناليوارن شخصيتن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن سماجي سطح تي به ڌيان ڏئي سگهجي، سنڌ پوليس کي حساس هٿيار، سامان ۽ گيجٽس خريد ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان ضروري منظوري ورتي وڃي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي وزير آءِ ٽي خالد مقبول صديقي، سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، توانائي وارو وزير ناصر شاهه، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم آغا، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري  آغا واصف، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، صدر جو سيڪريٽري شڪيل ملڪ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، مختلف ادارن جا صوبائي سربراه، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي زعيم شيخ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾  صدر آصف علي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي صوبي ۾ امن امان جي خراب ترين صورتحال کي فوري طور ٺيڪ ڪرڻ ڪراچي ۾ روڊن رستن تي وڌندڙ ڦرين ، ڪچي جي ڌاڙيلن ۽ني جي ڪاروبار ڪندڙن  خلاف ٻين صوبن سان گڏجي وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  هن وڏي وزير کي سختي سان چيو ته چاهيان ٿو ته زمينن تي غير قانوني قبضن تي زيرو ٽالرنس هجي ۽ اهو سلسلو هميشه لاءِ ختم ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه. وڏي وزير، صدر آصف علي زرداري کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڪچي واري علائقي ۾ امن امان عام طور تي بهتر ٿي چڪو آهي. هن هڪ ڏينهن لاءِ ايراني صدر جي ڪراچي دوري جي پرامن قيام جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته پي ايس ايل ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچون ۽ مذهبي تقريبون منعقد ڪرڻ امن امان جي بهتر صورتحال جو مظهر آهي. صدر چيو ته  هن چيو ته پوليس آفيسرن وڌيڪ وقت ڏئي انهن کان ڀرپور ڪم ورتو وڃي، پوليس آفيسرن کي ان صورت ۾ تبديل ڪيو وڃي جڏهن هو امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين. صدر زرداري چيو ته چوري ٿيل گاڏيون ۽ موبائيل فون مختلف حصن جي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا ويا جيڪي پوليس ۽ ٻين کان ڳجها ناهن. صدر آصف زرداري، وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ۽ ناردرن بائي پاس تي ڄاري ( تار) لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ته جيئن اچ وڃ وارن رستن کي موثر بڻايو وڃي. هن وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي خاص ڪري رونتي کان جمرو ۽ گڊو کان ڳڙهي تيغو تائين ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن.. صدر زرداري، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان وچ ۾ ٽه طرفي انتظامن لاءِ موثر ڪوآرڊينيشن جوڙي. وڏي وزير صدر کي ٻڌايو ته 618 پوليس اسٽيشنن مان هن 200 پوليس اسٽيشنن جي مرمت/ تعمير جي منظوري ڏني آهي. صدر پاڪستان وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم تيز ڪيو وڃي ته جيئن علائقن ۾ امن امان کي بهتر بڻائي سگهجي. ان تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هن گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم ڪندڙ انجنيئرن کي ضروري سيڪيورٽي فراهم ڪئي آهي ته جيئن ڪم جلد مڪمل ٿي سگهي. صدر زرداري گهرو وزير محسن نقوي کي هدايت ڪئي ته سنڌ پوليس کي حساس هٿيار، سامان ۽ گيجٽس خريد ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان ضروري منظوري ورتي وڃي. صدر آصف زرداري وڏي وزير کي چينين جي سيڪيورٽي لاءِ خاص انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت کي وفاق کان جيڪي به هٿيار گهرجن هو اها سهولت ڏياريندو، صدر وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت کي هٿيار ۽ ٻيون سهولتون ڏيارڻ لاءِ خاص منظوري ڪرائي، ان موقعي تي سينيئر وزير ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن شرجيل ميڻ صدر کي منشيات بابت آپريشن تي بريفنگ ڏني. صدر ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ کي جنگي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ ناردرن بائي پاس تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو ڪم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن کي موثر بڻائي سگهجي.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.