ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) مالي سال 2023-24 جي شروعاتي نون مهينن دوران 185.2 ارب رپيا گڏ ڪيا آهن، جيڪي گذريل مالي سال جي 9 مهينن جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو وڌيڪ آهن. اها ڳالهه ڪالهه وزيراعلي هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان چيئرمين ايس آر بي واصف ميمڻ سان ملاقات دوران کيس پنهنجي اداري (ايس اآر بي) جي روينيو جي وصولين بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سنڌ روينيو بورڊ مالي سال 24-2023 جي 9 مهينن دوران 185.2 ارب رپين جي رڪارڊ آمدني گڏ ڪئي، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي دوران 143.3 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا ھئا. وڏي وزير چيو ته اها ڪاميابي 29 سيڪڙو جي سالياني واڌ جي نشاندهي ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته وسيع اقتصادي گھٽتائيءَ سميت مختلف چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي باوجود ايس آر بي اوڳاڙِي گڏ ڪرڻ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.ياد رهي ته اپريل 2024ع دوران 23 سيڪڙو واڌو يعني 18.8 ارب رپيا گڏ ڪيا آهن؛ جڏهن ته گذريل اپريل 2023ع دوران 15.2 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا هئا.