ڪراچي (رپورٽر ) سڄي سنڌ ۾ مئٽرڪ ۽ انٽر ميڊيٽ جي امتحانن دوران قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن مطابق امتحاني مرڪزن ۾ اڻ واسطيدار ماڻهن جي اچڻ تي پابندي هوندي، شاگردن پاران موبائل جي استعمال جي پابندي هوندي، امتحاني مرڪزن ۾ هٿيار کڻي هلڻ، فوٽو اسٽيٽ ڪاپي جي آئوٽ ليس جي ڪم ڪرڻ تي پابندي هوندي.ضلعن جا ايس ايس پيز امتحانن جي وقتن دوران سخت حفاظتي انتظام برقرار رکن، يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتي جي سفارش تي گهرو کاتي قلم 144 لاڳو ڪيو.