ڪراچي(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ جو اڳوڻو اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ناڻي وارو وزير ڪنهن سان ملڻ کان سواءِ ٽئڪس لڳائي ڇڏي. جيونيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل هاڻ کپائي ڇڏڻ گهرجن. مفتاح اسماعيل چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ خانگائڻ کان بهتر آهي. اسٽيل مل هاڻ صرف شير شاهه ۾ ئي وڪرو ٿي سگهي ٿي. مفتاح اسماعيل چيو ته ڀلي ڪجهه ماڻهو ڀلي جيل وڃن پر رياست جي رٽ قائم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هي ڪهڙي حب الوطني آهي ته ٽئڪس نه ڏيندس، اوهان کي مٺائي ڏيندس. هن چيو ته اوهان دڪانن تي ٽئڪس نه ٿا لڳايو ته سڀ ڪجهه بيڪار آهي. مسلم ليگ ن جي اندروني سياست سبب ٽئڪس لڳائڻ جو فيصلو واپس ڪيو. هن چيو ته دڪاندارن تي ٽئڪس لڳايو،دڪاندار هڪ ڏينهن به دڪان بند ڪرڻ برداشت نه ٿا ڪري سگهن، ڪا هڙتال نه ٿيندي. ايم ڪيو ايم جي عروج جي ڏهاڙن ۾ به هڙتال بعد شام جو دڪان کلي ويندا هئا. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ڊار جي چوڻ تي 5 مهينن تائين ڊالر کي روڪي رکيو.نان فائلر جون سمون بند ڪرڻ جو فيصلو في الحال درست آهي.