اسلام آباد ( بيورو + م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته پهرين مئي تي مزدورن جو ڏهاڙو ملهائڻ وارا اشرافيه مزدورن جي استحصال جا ذميوار آهن. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حمدالله چيو ته اڄ به مزدور ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، هن جو چوڻ هو ته ارب پتي طبقو مزدورن جي نالي تي ٻارن سان پڪنڪ منائڻ ۾ مصروف آهي، اسلام حڪم ڏنو آهي ته مزدورن جو پگهر سڪڻ کان اڳ سندس ڏهاڙي ڏني وڃي . جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حمدالله وڌيڪ چيو ته هتي مزدورن جي حقن تي ڌاڙو هڻي عياشي جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت واقعي مزدورن سان مخلص آهي ته اڄ کان سندن ٻارن جو تعليمي خرچ برداشت ڪري. پاڪستان ۾ مزدورن جي نالي تي سڀ کان وڌيڪ استحصال مزدورن جو ڪيو پيو وڃي.