پورهيت ويلي لاءِ پريشان آهن ۽ حڪمرانن کي مراعتون گهرجن:امداد قاضي

ڪراچي (رپورٽر)ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، عوامي ورڪرز پارٽي جي صدر ڪامريڊ اختر حسين ايڊووڪيٽ، مزدور هاري پارٽي اڳواڻ عابد علي ۽ ليبر آرگنائيزنگ ڪميٽي جي اڳواڻ ارشد محمود پورهيت ڏهاڙي جي ريلي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته  پاڪستان ۾ حڪمران ۽ اشرافيا پنهنجا خرچن ۽ ڦرلٽ کي گهٽائڻ بدران معاشي بحران جي نالي تي هر روز نوان ٽيڪس لڳائي مزدورن ۽ عام ماڻهن کي بک مرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. هن وقت پورهيت طبقي جي پوزيشن اها آهي ته  هو اٽو وٺڻ کان به محروم ٿيندا پيا وڃن ۽ حڪمران توڙي اشرافيه طبقي کي نيون گاڏيون توڙي مراعتون ڏنيون پيون وڃن، عام ماڻهو بجلي ۽ گئس کان محروم آهي ۽ اهي بنيادي ضرورتون ايتريون ته مهانگيون آهن جو هو استعمال ڪرڻ جي قابل نه آهن، جڏهن ته حڪمران طبقن کي بجلي، گيس، پيٽرول ۽ مهانگيون گاڏيون مفت ۾ ڏنيون پيون وڃن. پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان گرين سٽي کان دائود چورنگي تائين ريلي ڪڍي وئي، مزدور آرگنائيزنگ ڪميٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، مزدور ڪسان پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان گڏيل ريلي ڪڍي مزدور ڀائرن جي عظمت کي سرخ سلام پيش ڪيو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 70 هزار رپيا ڪئي وڃي، ڪانٽريڪٽ سسٽم ختم ڪيو وڃي. مزدورن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ صحت ۽ تعليم جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، نجڪاري ختم ڪري ادارن کي رياستي ڪنٽرول ۾ آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.