پ پ پورهيتن جي ڀلائي لاءِ تاريخي قدم کنيا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري  صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان انھن پورھيتن کي دل جي گهراين سان ڀيٽا پيش ڪريون ٿا جيڪي ملڪي ترقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رھيا آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد بي بي جي ويزن موجب پورھيتن جي حقن لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي.پورھيتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي پورھيتن جي منصفاڻي اجرت ۽ نوڪرين جي تحفظ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. سنڌ سرڪار پورھيتن لاءِ سڌارن واري پروگرام تحت پورھيتن جو گھٽ ۾ گھٽ اجورو 32 هزار مقرر ڪيو ۽ پورھئي واري قانون ۾ سڌارا شروع ڪيا.هن چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ تحت سنڌ سرڪار پورھيتن لاءِ صحت ۽ ڊيٿ گرانٽ ۽ سندن نياڻين لاءِ ڏاج جو بندوبست ڪيو آهي. پورھيتن کي گهر ڏيڻ لاءِ ليبر ڪالونيون قائم ڪرڻ جو ڪريڊٽ به پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت کي وڃي ٿو.هن چيو ته چائلڊ ليبر ۽ جبري پورھئي جو خاتمو، عورتن ۽ خاص ماڻهن لاءِ قانون سازي پيپلز پارٽي جي ڪاميابي آهي. سنڌ حڪومت صنعتي مزدورن جي برابر حقن لاءِ گهريلو پورھيتن جي رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي.هن چيو ته سنڌ حڪومت سماجي انصاف ۽ برابري جي اصولن تي پختي يقين رکي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته پورھيتن جو ڏينهن نه رڳو پورھيتن جي قربانين کي اجاگر ڪري ٿو پر سندن حقن ۽ ڀلائي جي اهميت کي به اجاگر ڪري ٿو. اسان هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون جتي هر پورھيت کي عزت سان جيئڻ جو حق هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.