ڪراچي ( رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ) سنڌ اجازت نه ملڻ باوجود اڄ خميس تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ڪراچي پريس ڪلب ۾ جي يو آءِ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تھ جيڪڏھن اسان جي ھڪ ڪارڪن کي بھ نقصان پھتو ته پوءِ سڄي سنڌ جي روڊن تي احتجاج ٿيندو، ذميوار آءِ جي سنڌ، گھرو وزير ۽ سنڌ حڪومت ھوندي. ھن چيو تھ جمعيت علماءِ اسلام گھڻي عرصي کان پاڪستان ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي آھي، پاڪستان ۾ ھيءَ اڪيلي مذھبي جماعت آھي، جنھنجي قائد مولانا فضل رحمان عالمن کي چونڊن وارو رستو ڏيکاريو. جيڪڏھن ڪجھھ قوتون سمجھن ٿيون ته مذھبي ماڻھن کي جبلن تان لاھي، کين آئين جو رستو ڏيکاريو آھي تھ اھا اسان جي جماعت آھي. ھن چيو تھ پاڪستان اندر بندق کڻڻ غير قانوني قدم آھي، آئين جو رستو ڏيکاڙڻ تي مولانا فضل رحمان تي ٽي دفعا حملا ٿي چڪا آھن، هن چيو ته سنڌ م پيپلز پارٽي ۽ ڪراچي ۾ عوام دشمن پارٽي کي اقتدار ڏنو ويو آھي، اسان وڌيڪ جنازا کڻڻ لاءِ پيدا ناھيون ٿيا، اسان احتجاج ۽ جلسو ڪندا رهنداسين، جنھن کي رستا روڪڻا آھن، روڪي ڏيکارين. ھن چيو تھ بلاول صاحب مونکي لڳي رھيو آھي توھان پنھنجي صوبي ۾ بي وس آھيو،