دڪان ۾ گئس ڀرجڻ سبب ڌماڪو ٿيو، سلينڊر ناهي ڦاٽيو: بم ڊسپوزل يونٽ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي جنريٽر مارڪيٽ ۾ ٿيل ڌماڪي جي ابتدائي رپورٽ تيار ٿي وئي، بم ڊسپوزل يونٽ پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب، دڪان ۾ ڌماڪو گئس سلنڊر ڦاٽڻ جو نه هو، جڏهن ته بارودي مواد جا به ڪي نشانيون ناهن مليون، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دڪان ۾ گئس جي دپ محسوس ڪئي وئي، جڏهن ته دڪان مان 16 ڪلو وارو سلنيڊر محفوظ حالت ۾ برآمد ٿيو جيڪو خالي هو ۽ ان جو وال کليل هو. رپورٽ موجب، دڪان وٽان گذرندڙ گئس لائين به ليڪ هئي، جڏهن ته تباهه ٿيل دڪان مان پيٽرول سڙڻ جون نشانيون پڻ مليون آهن،  رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته دڪان ۾ وافر مقدار هيٺ پيٽرول موجود هو ۽ صبح جڏهن دڪان کولي وئي ته دڪان مان گئس به ليڪيج سبب ڀريل هئي، دڪان کولڻ بعد روشني لاءِ جڏهن بلب ٻاري وئي ته ڌماڪو ٿيو، وڏي مقدار ۾ دڪان اندر گئس ڦهلجڻ سبب ڌماڪو ٿيو ۽ هر طرف باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته پيٽرول جي موجودگي سبب باهه وڏي عرصي تائين جاري رهي، رپورٽ موجب، باهه ايتري شديد هئي جو ڀرپاسي جي دڪانن کي به نقصان پهتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.