ڊيرا غازي خان(م ڊ) ڊيرا غازي خان جي تعلقي تونسه شريف جي جهنگي چيڪ پوسٽ تي پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو. پوليس جي جوانن 3 ڪلاڪ تائين وڙهندي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائي ڇڏيو. پوليس ترجمان موجب حملي ۾ جهنگي چوڪي تي مقرر 7 جوان بهادري سان وڙهندي زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻڌايو ته 15 کان 20 دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي مختلف طرفن کان حملو ڪيو دهشتگردن حملي دوران راڪيٽ لانچرز، هينڊ گرينڊ، ليزر لائٽ گنز سميت جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو. دهشتگردن جهنگي پوليس چيڪ پوسٽ تي قبضو ڪري مقرر اهلڪارن کي يرغمال بنائڻ چاهيو ٿي.