ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي جنريٽر مارڪيٽ ۾ ٿيل ڌماڪي جي ابتدائي رپورٽ تيار ٿي وئي، بم ڊسپوزل يونٽ پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب، دڪان ۾ ڌماڪو گئس سلنڊر ڦاٽڻ جو نه هو، جڏهن ته بارودي مواد جا به ڪي نشانيون ناهن مليون، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دڪان ۾ گئس جي دپ محسوس ڪئي وئي، جڏهن ته دڪان مان 16 ڪلو وارو سلنيڊر محفوظ حالت ۾ برآمد ٿيو جيڪو خالي هو ۽ ان جو وال کليل هو. رپورٽ موجب، دڪان وٽان گذرندڙ گئس لائين به ليڪ هئي، جڏهن ته تباهه ٿيل دڪان مان پيٽرول سڙڻ جون نشانيون پڻ مليون آهن، رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته دڪان ۾ وافر مقدار هيٺ پيٽرول موجود هو ۽ صبح جڏهن دڪان کولي وئي ته دڪان مان گئس به ليڪيج سبب ڀريل هئي، دڪان کولڻ بعد روشني لاءِ جڏهن بلب ٻاري وئي ته ڌماڪو ٿيو، وڏي مقدار ۾ دڪان اندر گئس ڦهلجڻ سبب ڌماڪو ٿيو ۽ هر طرف باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته پيٽرول جي موجودگي سبب باهه وڏي عرصي تائين جاري رهي، رپورٽ موجب، باهه ايتري شديد هئي جو ڀرپاسي جي دڪانن کي به نقصان پهتو.