پي اي سي چيئرمين جي چونڊ لاءِ بال حڪومتي ڪورٽ ۾ اچي ويو

اسلام آباد (بيورو) پارلياماني پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جي چونڊ واري معاملي لاءِ بال هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت  جي ڪورٽ ۾ آهي.  ذريعن موجب شير افضل مروت کي چيئرمين بڻائڻ تي حڪومت کي خدشا آهن، جنهن لاءِ مخالف ڌر کي شير افضل جي نالي تي ٻيهر غور ڪرڻ جو پيغام موڪليو ويو آهي.  مخالف ڌر جي متفق نه ٿيڻ تي حڪومت پي اي سي چيئرمين جي چونڊ لاءِ پنهنجو اميدوار آڻڻ جو اشارو ڏنو آهي. شير افضل مروت کي چيئرمين بڻائڻ لاءِ اپوزيشن کي حڪمران اتحاد جي حمايت جي ضرورت پوندي. 29 رڪني پي اي سي ۾ حڪمران اتحاد کي اڪثريت حاصل هوندي. شير افضل مروت سني اتحاد ڪائونسل جي چئن ميمبرن جي حمايت سان چيئرمين نه ٿو بڻجي سگهي، ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پندرهن ووٽ وٺڻ گهرجن.  پي اي سي  29 ميمبرن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 23 ايم اين ايز ۽ 6 سينيٽرز شامل آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سينيٽ سيڪريٽريٽ کان 6 سينيٽرن جا نالا طلب ڪري ورتا. مخالف ڌر پي اي سي چيئرمين جي نالي تي شير افضل مروت لاءِ حڪمران اتحاد کان حمايت نه گهري ته هو چيئرمين نه ٿو بڻجي سگهي. جڏهن ته اپوزيشن هن وقت تائين شير افضل جو نالو اسپيڪر کي لکت ۾ ناهي ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.