نواز شريف وفاقي سرڪار ۾ پنهنجا ويجها ماڻهو شامل ڪرائڻ لڳو

اسلام آباد(ع آ نيوز) اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ ۽ وفاقي ڪابينا ۾ راڻا ثناءُ الله جي شموليت سان نواز شريف وفاق ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ  جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا ۾ محمد اورنگزيب ۽ محسن نقوي جي شموليت تي ن ليگ ۾ اختلاف موجود آهن. ن ليگ اندر اسٽيبلشمينٽ حامي ۽ مخالفت واري سوچ تحت رساڪشي برقرار آهي. تجزئي نگار اجمل جامي موجب چونڊ نتيجن تي نواز شريف جي ويجهن ماڻهن چيو هو ته ساڻن دوکو ٿيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، خميس 02 مئي 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.