اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي بحران جو ڌٻڻ ڏينهون ڏينهن ڳنڀير ٿي رهيو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته معاشي بحران مان نڪرڻ جا کوڙ حل آهن پر هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت ايڪشن جي آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي تنقيد ٿيندي آهي ته هي پروگرام مهانگائي آڻي ٿو، مان معاشي ماهر نه آهيان پر مون کي اندازو آهي ته آءِ ايم ايف اسان کي ٽيڪس چوري روڪڻ، ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ، بجلي جي چوري روڪڻ، گورننس بهتر ڪرڻ جو چوي ٿو.
هن چيو ته وزيراعظم ان ئي پروگرام کي سامهون رکندي ايف بي آر ۾ سڌارن جو ذمو کنيو آهي، هن ايف بي آر بابت سڀ کان وڌيڪ اجلاس ڪيا، ايف بي آر ۾ ٻن قسمن جا ڪم ٿي رهيا هئا جيڪي هن جو ڍانچو آهن، انهن ۾ رهندي گورننس بهتر ڪئي ويندي ۽ ٻيو عدالتن ۾ پيل 27 سئو ارب ڪيسز بابت پارليامينٽ جيڪو قانون پاس ڪيو اهو ان ئي بابت هو ته جيڪي ٽيڪس ٽريبيونلز آهن ان ۾ ترميم ڪئي آهي، هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ سياسي پارٽين جي نمائندگي هئي جن ترميم تيار ڪئي ۽ پارليامينٽ ان کي منظور ڪيو.
تنهن بعد اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم جو سعودي عرب وارو دورو ڪامياب رهيو، سعودي وزيرن سان جيڪو اجلاس جو سلسلو هو اهو ٻه ڏينهن جاري رهيو، ٻن ڏينهن ۾ اعليٰ سطحي گڏجاڻيون ٿيون، سڀني وزيرن ٻڌايو ته اسان کي محمد بن سلمان جو حڪم آهي ته اسان کي پاڪستان لاءِ ڪوششون ڪرڻيون آهن…
You might also like