اسلام آباد(ع آ نيوز) اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ ۽ وفاقي ڪابينا ۾ راڻا ثناءُ الله جي شموليت سان نواز شريف وفاق ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا ۾ محمد اورنگزيب ۽ محسن نقوي جي شموليت تي ن ليگ ۾ اختلاف موجود آهن. ن ليگ اندر اسٽيبلشمينٽ حامي ۽ مخالفت واري سوچ تحت رساڪشي برقرار آهي. تجزئي نگار اجمل جامي موجب چونڊ نتيجن تي نواز شريف جي ويجهن ماڻهن چيو هو ته ساڻن دوکو ٿيو آهي.