اسلام آباد(معظم فخر) مسلم ليگ نواز پاران اسٽيبلشمينٽ کان وڏو مطالبو سامهون اچي ويو،”پراجيڪٽ عمران“ کي بند ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سمورن ڪردارن جي احتساب جي گهر ڪئي وئي آهي، اهي ڪردار پراجيڪٽ عمران کي زندهه رکڻ لاءِ پردي پٺيان ڪوششون جاري رکيو پيا اچن،ان سلسلي ۾ نواز ليگ وٽ ثبوت به موجود آهن اهي ثبوت اسٽيبلشمينٽ کي ان صورت ۾ ڏنا ويندا جڏهن اها خاطري ڪرائيندي ته انهن عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،اسٽيبلشمينٽ پاران ”ها“ ڪرڻ کانپوءِ اهي ثبوت شيئر ڪيا ويندا، ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ ان پراجيڪٽ کي مڪمل طور ختم ڪري.