ڪراچي ( رپورٽر ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ميان رضا رباني چيو آهي ته رياست ميڊيا مالڪن ۽ عدليه جي ڳٺ جوڙ ذريعي ميڊيا ورڪرن جو استحصال ڪري رهي آهي، انهن پنهنجن حقن لاءِ قانوني رستو اختيار ڪيو پر ڪارڪن اڄ به عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن، ، ويج بورڊ وقت تي نه ٿا اچن، اچن به ٿا ته ان تي عمل نه ٿو ٿئي. هن چيو ته صحافتي تنظيمون پنهنجا اختلاف ختم ڪري نيشنل ڊائيلاگ کڻي ڪري اڳتي وڌن ته ٽريڊ يونين کي ٻيهر ٻيهر مضبوط ڪري سگهن ٿيون ، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ”ميڊيا ورڪرن جو معاشي استحصال بند ڪريو“ جي عنوان سان منعقد ڪيل مزدور سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صدر ڪراچي پريس ڪلب سعيد سربازي، سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب شعيب احمد، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ پرويز، جنرل سيڪريٽري اين ايل ايف قاسم جمال، ايڇ آر سي مهناز رحمان، پروفيسر ڊاڪٽر توصيف، سينيئر صحافي مظهر عباس، ابرار بختيار، حسن عباس، پي ايف يو جي صدرجي ايم جمالي، نائب صدرخورشيد عباسي، سيڪريٽري جنرل دستور ايڇ خانزاده، ڪيو يو جي صدرطاهر حسن خان، سيڪريٽري ڪي يو جي دستور نعمت خان، جنگ يونين جي سيڪريٽري شڪيل يامين ڪانگا، ڊان نيوز پيپر يونين جي صدر محمد ڪاشف، دي نيوز نيوز پيپر يونين جو جنرل سيڪريٽري دارا ظفر، امت نيوز پيپر يونين جي صدر نديم محمود، سيڪريٽري سيد نبيل اختر، سينيئر صحافي سهيل سانگي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جي ميمبرن سميت صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي سعيد سربازي ۽ شعيب احمد چيو ته حڪومت ۽ ميڊيا مالڪن کان مطالبو ڪيون ٿا ته ميڊيا ورڪرن جي معاشي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن. ميان رضا رباني چيو ته انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته سماج جي عڪاسي ڪندڙ صحافي پنهنجن بنيادي حقن کان به محروم آهن. هن چيو ته صحافين کي رياستي سطح تي خاص طور تي هڪ اهڙي ڳٺ جوڙ جو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن ۾ قانون جو هٿ آهي ۽ ان ڳٺ جوڙ ۾ ميڊيا مالڪ ۽ عدليه به شامل آهي، هن چيو ته پورهيتن جا ڪيس وقت تي عدالتن ۾ نٿا هلن،جنهن سبب پورهيت هڪ عدالت کان ٻي عدالت تائين چڪر لڳائيندا رهن ٿاميان رضا رباني چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت مزدورن جي طاقت کي ختم ڪيو ويو آهي، ڏک جي ڳالهه اها آهي ته ويج بورڊ وقت تي نٿو اچي ۽ اچي به وڃي ته عمل نٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته مختلف اشتهاري اسڪيمون اچن ٿيون پر پگهارون ان حساب سان مقرر ئي نه ڪيون ويون آهن، هن وڌيڪ چيو ته سياسي پارٽين به ٽريڊ يونينز جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي، خورشيد عباسي چيو ته مزدور يونين تي پابندي سبب ملڪ اڄ انحطاط جو شڪار آهي، عدليه به انحطاط جو شڪار آهي ۽ ان کي ختم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هڪ اتحاد ٺاهيو ته جيئن سڀني اتحادين کي گڏ ڪري سگهجي. جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو آهي ته مزدور يونينز تي پابندي جي ڪري ملڪ اڄ زوال جو شڪار آهي، عدليه به زوال جو شڪار آهي ۽ وقت جي تقاضا آهي ته سمورين يونينن کي گڏ کڻي اتحاد ٺاهيو وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار مظهر عباس چيو ته ميڊيا ورڪرن جو استحصال عروج تي آهي، حڪومت طرفان مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ پگهار به نه پئي ڏني وڃي، هن چيو ته ان مسئلي جي حل لاءِ سمورن يونين کي گڏجي ڪري هڪ الائنس ٺاهڻ گهرجي ۽ صحافين جي حقن لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي. پي ايف يو جي سيڪريٽري جنرل اي ايڇ خانزاده چيو ته يونين جي اهميت تي ٻيهر زور ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، شيرواني پائڻ وارن سميت سمورا حڪمران يونين کان ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ هر حڪومت شاگرد ۽ مزدور يونين کي بحال ڪرڻ جون دعوائون ڪنديون رهيون آهن پر عملي طور تي خاموش رهنديون آهن.