شادي جي ميڙاڪي ۾ اڪيلو بيٺل سپهه سالار!

تحرير: محمد حنيف

شادين جي موسم آهي،يعني شادين ۾ نھ چاھيندي بھ وڃڻو پوندو آھي. توهان اڪثر ڏٺو هوندو ته عين شادي هلندي جڏھن ھڪ ھجوم کاڌي پيتي ڏانهن وڃي رهيو ھوندو آهي ڪي ماڻھون  ڪار گاڏيءَ پارڪ ۾ ڪش لڳائي رهيا ھوندا آهن ته ڪٿان اوھان جي ڪلھي تي ڪو هٿ  ايندو آھي ۽وسري ويل بزرگ توهان سان  شڪايت ۾ ٻڏل آواز ۾ پڇندو آھي،ابا سڃاڻين ٿو يا نھ .

نھ تھ  ڪنهن شادي ۾، نھ ئي ڪنھن شادي کان ٻاھر ڪنھن جنرل سان  مليو آھيان. پر گذريل سال شاديءَ جي موسم ۾ ھڪ دوست لاهور جي هڪ شادي جو اکين ڏٺو قصو ٻڌايو ھو ته اڳوڻي سپهھ سالار اشفاق پرويز ڪياني هڪ ڪنڊ ۾ بيٺي اڪيلو سگريٽ پي رهيو هو.ڪئين حاضر سروس جنرل به تقريب ۾موجود هئا پر انهن جو رويو اهڙو هو ڄڻ هو پنهنجي اڳوڻي سپھه سالار کي سڃاڻن ئي نٿا.

جنرل ڪياني ھونئن بھ خاموش طبع سپھ سالار ھو. شايد ڪنهن مجبوري ۾ شاديءَ ۾ ويو هوندو، پر شادين جي تازي موسم ۾ اڳوڻو سپھه سالار  جنرل باجوه هڪ شاديءَ ۾ تشريف کڻي ويو. باجوه صاحب رونقي ماڻھو آھي ۽ ايتري رونق لڳائي ويو جو اڊيالا جيل مان به سندس نالو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ جنھن کي اڊيالا جيل ۾ وجھڻ کانپوءِ پراڻن ماڻھن کي واپس آندو  آھي اھي بھ هن جو نالو کڻي شڪايت ڪن ٿا.

جن کي حڪومت مان ڪڍيو ھو اھي به دشمن ۽ جن کي آندو ھو اھي به دشمن.جيڪڏھن جنرل باجوه چاهي ها ته ھوءَ شاديءَ ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار کي سلامي ڏئي ڪري ۽ پري کان ئي پنھنجي مداحن کي هٿ لوڏي گهر واپس موٽي پئي سگھيو، پر لاهور  جي  هر شاديءَ جيان ھڪ ناراض پڦڙ  وانگر هن بزرگ  صحافي مجيب الرحمان شامي جي ڪلهي تي هٿ رکيو، پنهنجي کيسي مان قرآن پاڪ ڪڍيو ۽ ٻڌايو ته نه مون ڪنهن کي ٻاهر موڪليو آهي نه اندر، نه مون نواز شريف کي ملڪ مان ڪڍيو ۽ نه ئي عمران خان کي حڪومت مان. جيڪي چون ٿا ته مون ايڪسٽينشن ورتي، نه مون چاهيو ٿي ۽ نه ئي مون گهري.

شڪار ٿيل محترم مجيب الرحمان شامي صاحب فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪو پنهنجي کيسي مان قرآن پاڪ ڪڍي،پنهنجي ماءُ جي قبر جو حوالو ڏئي۽ قيامت جي ڏينهن پنھنجي شفاعت واپس ڏيڻ  جي ڳالهه ڪري ته پوءِ اسان ھن  جي ڳالھھ تي ڇا ٿا چئي سگهون ؟مان تڏھن کان سوچي رهيو آهيان ته هڪ خوش باش ريٽائرڊ  سپهھ سالار شاديءَ ۾ ويندي پاڻ  کيسي ۾ رکڻ جيترو قرآن پاڪ ڇو رکندو؟ ٿي سگهي ٿو پنهنجي حفاظت جي لاءِ، خدا جي ڪلام کي پنهنجي دل جي ويجهو رکڻ لاءِ يا ان ڪري، ٿي سگھي ٿو تھ کيس قسم کڻڻو پئجي وڃي. قسم ڪير کڻندو آهي ۽ ڪڏهن کڻندو آهي جڏهن ماڻهن کي سندس ڳالھھ تي يقين نھ ھجي.جنرل باجوه کي شايد يقين آهي ته ڪنھن شادي ۾ ملندڙ ڪو بزرگ صحافي به ھن جي ڳالھھ تي يقين نه ڪندو، جيستائين هو پنهنجي کيسي مان قرآن ڪڍي قسم نه کڻندو.

جيتري تنقيد جنرل باجوه تي ٿي آھي.ڪنھن اڳوڻي سپھ سالار تي ناھي ٿي. جنرل مشرف جو نالو نٿو وٺي،راحيل شريف کانسواءِ  اسان جون سرحدون محفوظ نھ ٿيون  رھي سگهن. اسان گذارو ڪري ورتو.شهيد صدر جنرل ضياءُ الحق جي ذڪر کان سواءِ  ڪو دانشور توھان کي پاڪستان جي ڪهاڻي ٻڌائي نھ ٿو سگهي،ھن کي بھ پاڪستان جي تاريخ ۾ ولن ڪري پيش ڪيو ويو آھي.پر ان جي باري ۾ بھ بزرگ صحافي مجيب الرحمان ڪجھه   سٺا لفظ  چئي ڏيندو، پر جنرل باجوه جي حق ۾ ڪو ھن جي برادري جو ننڍڙو باجوه  بھ ڳالهائڻ لاءِ تيار نھ آهي.

جنرل باجوه کي جيڪڏھن آئينده ڪنھن شادي جو ڪارڊ ملي ته ھو گهران سلامي موڪلي ڇڏي، جيڪڏهن تنھائي ستائي تھ ضرور وڃي پر هن ڀيري ڪوٽ جي هڪ کيسي ۾ قرآن شريف ۽ ٻئي ۾ پاڪستان جي آئين جو ڪتاب بھ هجي، ڇو ته هن ان ڪتاب جو  به قسم کنيو هو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.