سوشل پروٽيڪشن ڊليوري سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان سماجي تحفظ جي سلسلي ۾ سماجي تحفظ بورڊ پاران سوشل سيڪيورٽي ڊليوري سسٽم اسڪيم جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان 48300 ملين رپين جي لاڳت سان سوشل پروٽيڪشن ڊيليوري سسٽم شروع ڪيو ويندو.اهڙو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سماجي تحفظ بورڊ جي پهرين اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه، محنت ۽ انساني وسيلن وارو صوبائي وزير شاهد ٿهيم، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، سماجي تحفظ وارو سيڪريٽري رفيق مصطفيٰ، حارث غضدار، سونو به موجود هئا. اجلاس ۾ پروفيسر امر سنڌو، شبنم بلوچ، عاصمه بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سوشل پروٽيڪشن ڊليوري سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي  ته 15 ضلعن ۾ مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي ۽ مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام تحت 13 لک عورتون فائدو حاصل ڪنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.