لاهور(م ڊ) پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن پنجاب زون جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت واڌو کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو آهي. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته کنڊ جي برآمد جو عمل صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۾ ٿيو. کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي خبر پکيڙي وڏي سازش ڪئي وئي. ترجمان موجب اسٽاڪ جي انگن اکرن ۽ ملڪي ضرورتن تي صنعت واري وزارت سان اتفاق ڪيو ويو. ترجمان چيو ته گذريل اجلاس ۾ کنڊ جي برآمد بابت هاڪاري اڳڀرائي ٿي هئي. چيني پرڏيهه کپائڻ تي حتمي حڪومتي فيصلو هن هفتي متوقع آهي.