قرضن جو ڄار ڦاسي جو ڦندو آهي، قدرتي ذخيرا گهٽجي رهيا آهن: وزيراعظم

رياض(م ڊ)  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪو به ڪردار ناهي، ان باوجود اسان وڏي تباهي  ڏٺي آهي، ملڪ ۾ وڏي پيماني تي سڌارا ڪرڻ وارا آهيون ڇو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ سڌارا اڻ ٽر بڻجي چڪا آهن. سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ منعقد ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي اختتامي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جنگ سبب عالمي سطح تي قيمتون وڌيون آهن. سعودي عرب ڏکئي وقت ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان جي قيمت ادا نه ڪئي وڃي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪ عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، جيستائين اسان خاميون دور نه ڪنداسين، تيستائين بحالي ممڪن ناهي، اسان کي سادگي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۾ زرو برابر حصو نه هجڻ باجود ٻوڏ ۾ پاڪستان جو نقصان ٿيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته غزا ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ بنا دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان سخت متاثر ٿيو، موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار ناهي، اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، ڏکيائيون آهن پر ڪجهه به ناممڪن ناهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، انهن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻيون ٽيڪنالاجيون فراهم ڪرڻيون آهن، هارين کي جديد اوزار فراهم ڪرڻا آهن، اهو آسان ڪم ناهي، اسان کي پنهنجي برآمد وڌائڻي آهي، اسان وٽ تيل ناهي.  گئس جا ذخيرا به گهٽجي رهيا آهن، صنعت ۽ زراعت لاءِ خام مال درآمد نٿا ڪري سگهون. مون چيو ته ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ويندس ۽ انتھائي محنت سان پاڪستان کي ان جو مقام ڏيندس، اسان وسيع تر سڌارا ڪرڻ وارا آهيون، قرضن جو ڄار بڻجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.