پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اثاثن بابت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سيد سڪندر حيات شاهه ايڊووڪيٽ ذريعي درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نامزدگي ڪاغذن ۾ سمورا اثاثا ظاهر ڪيا ويا آهن، رٽرننگ آفيسر ڪاغذن جي هر طرح سان ڇنڊڇاڻ ڪئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون ٿي چڪيون آهن، علي امين گنڊاپور وڏو وزير بڻجي چڪو آهي، هاڻي اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي جو اختيار ناهي،جيڪڏهن ڪو متاثر ٿيو آهي ته اليڪشن ٽربيونل سان رجوع ڪري سگهي ٿو. درخواستگذار جي وڪيل موجب اليڪشن ڪميشن اثاثن بابت وڏي وزير کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي.