شهدادپور (ن ع آ) شهدادپور جي جٽيا پاڙي ۾ مبينا ڦر دوران مزاحمت تي ٽن هٿياربندن هٿان زال مڙس قتل, ننھن زخمي, پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ھٿياربندن عورتن جي ڪنن مان واليون لاٿيون گھر ڀاتين جي مزاحمت تي نامعلوم ھٿيار بندن سڌا فائر ڪري گھر ڌڻي سرور راجپوت سندس زال ڪوثر راجپوت قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته سرور راجپوت جي ننھن ثميرا راجپوت زخمي ٿي پئي، ھٿياربند ڦورو گھر ۾ پيل سون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جٽيا پوليس جاءِ واردات تي پھچي زخمي ثميرا کي فوري طور سمس اسپتال کڻائي وئي، فوتي زال مڙس سرور راجپوت سندس زال ڪوثر راجپوت جا مڙھ پوسٽ مارٽم لاءِ سمس اسپتال منتقل ڪيا ويا، قتل ٿيل جي وارثن پوليس کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي، پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.