بنون ( م ڊ ) بنون ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ پوليس جي ڪارروائي ۾ هڪ انتهائي گهربل دهشتگرد مارجي ويو، سينٽرل پوليس آفيس (سي پي او) موجب سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي ڪارروائي ۾ بدنام دهشتگرد اسماعيل مارجي ويو، سي پي او چيو ته مارجي ويل دهشتگرد جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، هو پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هو، سي پي او موجب، مارجي ويل دهشتگرد ڀتا خوري جي ڪيسن ۾ به گهربل هو.
-
ايجنسين جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت کي رد ڪيون ٿا: پاڪستان بار ڪائونسل
ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان بار ڪائونسل جي 6ممبران ججن جي خط جي حوالي سان پنهنجو بيان ٿيندي چيو آهي ته پاڪستان جي وڪيلن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل ججن سان گڏ آهي .هو ايگزيڪٽو ۽ ايجنسين جي عدالتي معاملن ۾ مداخلت کي رد ڪري ٿي .
-
ڪينيڊا ۾ خالصه ڏهاڙي جي تقريب، سک برادري پاران خالصتان زنده آباد جا نعرا
ٽورنٽو (م ڊ) ڪينيڊا ۾ خالصه ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ٿي، جنهن ۾ سک برادري پاران خالصتان زنده باد جا نعرا هنيا ويا، تقريب ۾ ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سک برادري خالصتان زنده آباد جا نعرا هنيا. يوم خالصه تقريب جي موقعي تي ڪينيڊا جي وزيراعظم زعفراني رنگ جو اسڪارف به پهريل هو، جيڪو سکن پنهنجي مٿي تي پهريل هوندا آهن. ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽس ٽروڊو چيو آهي ته هو سکن جي حقن جو تحفظ ڪندا. تقريب ۾ مقتول هرديپ سنگهه نگر جا پوسٽر ۽ تصويرون پڻ لڳايون ويون هنيون.
-
اسحاق ڊار معاشي معاملا ڏسندو ته اختلاف ٿيندا:شاهد خاقان
اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي معاشي معاملا ڏسڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو ته ان سان اختلاف جنم وٺندا. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته حڪومت ۾ نائب وزيراعظم جي ضرورت نه هوندي نه ئي آئين ۾ نائب وزيراعظم جي گنجائش هوندي آهي. اسحاق ڊار کي معاشي معاملا ڏسڻ جو چيو ويو ته ان سان اختلاف جنم وٺندا.