سکر (رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن حليم عادل شيخ، شعيب شاهين ۽ ٻين سکر پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي جنگ وارو ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي. 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو پاڪستان ڇڏي پرڏيهه هليا ويا آهن، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته زرداري گروپ کي سنڌ ۾ رد ڪيو ويو آهي ۽ مني لانڊرنگ جو پئسو ايون فيلڊ ۽ دبئي ۾ رکيو ويو آهي. جيڪڏهن اهو پئسو ملڪ واپس آندو وڃي ته ڊالر جي قيمت گهٽجي ويندي.ملڪ ۾ بدامني سبب ڪو به محفوظ نه آهي، هنن چيو ته سينيئر صحافي جان محمد مهر کي وچ شهر ۾ قتل ڪيو ويو جڏهن ته معصوم نينگري پريا ڪماري کي به ڏينهن ڏٺي اغوا ڪيو ويو. اسان بلاول ڀٽو زرداري کان جواب طلب ڪريون ٿا ته پريا ڪماري ڪٿي آهي، پريس ڪانفرنس دوران گوهر خان کوسو، ميڊم صفيه بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا، هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پولنگ ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي پولنگ عملي اڌ رات کانپوءِ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪئي جڏهن ظلم وڌندو آهي ته اهو ختم ٿي ويندو آهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 9 مئي واقعي جا ڪيمرا ٽوڙيا ويا آهن، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ سنڌ جي پاران ٽرين مارچ شهدادپور اسٽيشن تي پهتو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شاندار استقبال ڪيو. ٽرين مارچ جي پهچڻ کان اڳ شهدادپور ريلوي پوليس پي ٽي آءِ پاران قائم ڪيل استقباليه ڪيمپ ۽ سائونڊ سسٽم هٽائي ڇڏيو.