گليسپي ۽ ڪرسٽن پاڪستان ٽيم کي ڪاميابي جي رستي تي آڻڻ لاءِ پرعزم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ريڊ بال( ٽيسٽ ) ڪوچ جيسن گليسپي ۽ وائيٽ بال ( ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ) ڪوچ گيري ڪرسٽن قومي ٽيم کي ڪاميابي جي رستي آڻڻ لاءِپرعزم آهن.
پاڪستان ڪرڪيٽ جي ريڊ بال ۽ وائيٽ بال ڪوچ جيسن گليسپي ۽ گيري ڪرسٽن پي سي بي پوڊ ڪاسٽ جي 48 هين ايڊيشن ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيا.
پي سي بي پوڊ ڪاسٽ ۾ خصوصي ڳالهه ٻول دوران ڪوچز چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪاميابيءَ جي رستي تي آڻڻ چاهيون ٿا.
جيسن گليسپي ڪيپ ٽائون مان پي سي بي جي ڊجيٽل ٽيم سان خاص گفتگو دوران نه رڳو پاڪستان ٽيم ۾ شامل ٿيڻ بابت پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو پر ٽيسٽ سائيڊ سان پنهنجي ڪوچنگ جي انداز، ٽيم جي ترقي ۽ شوقينن جي اهميت جهڙن نڪتن تي پڻ روشني وڌي.
ٻئي پاسي گيري ڪرسٽن احمد آباد مان پي سي بي جي ڊجيٽل ٽيم سان ڳالهائيندي ڪرڪيٽ سان پنهنجي محبت، پنهنجي ڪوچنگ جي فلسفي ۽ انداز بابت تفصيلي گفتگو ڪئي ۽ اِهو پڻ ٻڌايو ته هو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان ڪم ڇو ڪرڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.