وزيراعظم جي آءِ ايم ايف سربراهه سان ملاقات، هڪ ٻي پروگرام تي ڳالهيون

رياض(م ڊ) آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ معاشي پريشانين  جو شڪار آهن. عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي سيشن کي خطاب ڪندي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جي معاشي حالت خراب ٿي رهي آهي. ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته ڪورونا وبا سبب دنيا کي 3.3 ٽريلين ڊالر جو نقصان پهتو. ڪورونا دوران گهٽ آمدني وارن ملڪن جي معيشت وڌيڪ متاثر ٿي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه سالن جي پريشانين جي باوجود ترقي ۽ معيشت بهتر آهي. اسان ترقي جي قدمن کي هن سال جي لاءِ بهتر ڪيو آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف آءِ ايم ايف سربراهه سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عالمي مالياتي اداري جي ٻئي قرض پروگرام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم کيس پاڪستان دوري جي دعوت پڻ ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.