پاڪستان ڊجيٽل ڪرنسي ڏانهن وڌڻ جو سوچي رهيو آهي: محمد اورنگزيب

رياض (م ڊ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڊجيٽل ڪرنسي ڏانهن وڌڻ جو سوچي رهيو آهي. ورلڊ اڪنامڪ  فورم جي خصوصي سيشن کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب غير دستاويزي معيشت کي سڀ کان وڏو چينل قرار ڏيندي چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو چيلينج غير دستاويزي شعبو آهي، اسان جي ملڪ ۾ 10 کرب رپين جو ٽيڪس مارڪيٽ ۾ زير گردش آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ غريب عورتن کي حڪومت طرفان امدادي رقم ڏني ويندي آهي. عورتن جي هڪ عام شڪايت اها آهي ته گهر جا مرد انهن کان پئسا کسي وٺندا آهن. عورتون چاهين ٿيون ته کين ڊجيٽل والٽ ذريعي پئسا ڏنا وڃن. محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته اسان جي سالياني بجيٽ ۾ آمدني 9.4 کرب جي لڳ ڀڳ آهي، اسان جي معيشت جو اڌ حصو غير دستاويزي شعبي سان تعلق رکي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.