اسلام آباد (م ڊ)ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، شبلي فراز پنهنجي اڳواڻن کان پڇي ۽ ٻڌائي ته هو ڇا ٿا چاهين، جيڪڏهن کين اين او سي ملي ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. جنهن تي پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز سياسي پارٽين سان ڳالهين جي مشروط حمايت ڪندي چيو ته ملاقات تمام اسٽيڪ هولڊرن سان ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ سياسي پارٽيون ۽ اسٽيبلشمينٽ شامل آهن، پر پهريان ڳالهين جي حد مقرر ٿيڻ گهرجي فيصلو ڪيو وڃي ته ڳالهيون ڪيئن ٿينديون؟ ٻئي طرف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن پاليسي بيان جاري ڪيو آهي ته مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ٿينديون. جنهن ته سينيٽر عرفان صديقي چيو ته شبلي فراز پنهنجي اڳواڻن کان پڇي ۽ ٻڌائي ته هو ڇا ٿا چاهين، جيڪڏهن کين اين او سي ملي ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.