راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب 22 ۽ 23 اپريل تي سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي پشين ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ افغان شهري طور ٿي آهي.ڪارروائي دوران وڏي تعداد ۾ هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو.جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.
-
حراست ۾ جوابدار جو موت: ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪارن جو رمانڊ
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس جي حراست ۾ جوابدار جي موت واري ڪيس ۾ ايس ايڇ او درخشاں علي رضا لغاري، هيڊ محرر فيصل لغاري سميت 3 اهلڪارن جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو. جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پوليس حراست ۾ جوابدار جي موت واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، مقتول معيز کي گرفتار ڪندڙ پوليس عملدار ۽ اهلڪار پيش ڪيا ويا، ٻڌڻي دوران پوليس ٿاڻي جي سي سي ٽي وي فوٽيج عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، جاچ آفيسر ٻڌايو ته سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس پي) ڪلفٽن نيئر کي گرفتار ڪرڻو آهي، ٿاڻي اندر ڪا به سي سي ٽي وي فوٽيج موجود ناهي. عدالت جاچ آفيسر جي رمانڊ جي درخواست منظور ڪندي ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي.
-
190 ملين پائونڊ ڪيس، وڌيڪ ڇهن شاهدن جا بيان قلمبند
راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ وڌيڪ 6 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشرا بي بي، وڪيل عثمان گل ۽ ظهير عباس عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ وڌيڪ 6 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا ۽ 2 شاهدن تي جرح مڪمل ڪئي وئي. واضح رهي ته ريفرنس ۾ هن وقت تائين 21 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن ۽ 15 ڄڻن تي جرح مڪمل ٿي چڪي آهي.