ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وئي

ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد تقريب ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر چيو ته اسلامي جمهوريه ايران جي صدر کي اعزازي  ڊگري ڏيڻ تي ڪراچي يونيورسٽي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته اها ڪراچي يونيورسٽي لاء اعزاز جي ڳالھ آھي۔ ڇاڪاڻ ته اسلامي جمهوريه ايران جي صدر کي اعزازي ڊگري ڏني پئي وڃي۔ هن چيو ته ايران ۽ پاڪستاني سفارتي لاڳاپا ڪيترن ڏهاڪن تي مستمل آھن۔ منهنجي خواهش آھي ته مسلم ملڪن وچ ۾ هڪ مثالي لاڳاپن هجن۔ هن ڪري ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيان ٿو۔ مون ايران جي ڪيترن ئي صوبن جو دورو ڪيو آهي ۽ اتي جي واپارين ۽ صنعتڪارن سان ملاقاتون ڪيون آهن. هن چيو ته ايراني سيڙپڪارن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، خاص طور تي ان جي معاشي حب ڪراچي ۾ سيڙپڪاري جي سازگار ماحول جو فائدو وٺندن، هتي سيڙپڪاري ڪن۔ ان سان گڏوگڏ منهنجي خواهش آهي ته اهي SIFC جي منصوبن ۾ شموليت اختيار ڪن۔ ڇو ته سيڙپڪاري لاء بهترين پليٽ فارم آهي۔ ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفا ڀٽو زرداري، صوبائي وزير عذرا پيچوهو، شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، علي حسن زرداري ۽ سردار شاهه پڻ موجود هئا سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ سيد مراد علي شاهه سان گڏ ايراني صدر ابراهيم رئيسي قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري، حاضري کانپوء سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ابراهيم رئيسي قائد اعظم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير سان گڏ ايراني صدر ابراهيم رئيسي وزيراعلي هائوس روانو ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.