عورتن جي خودمختياري ثقافت محفوظ رکڻ آهي: ايراني خاتون اول

لاهور(م ڊ)ايران جي خاتون اول ڊاڪٽر جميله عالم الهادي چيو آهي ته عورتن جي خودمختياري جو مطلب پنهنجي ثقافت کي محفوظ رکڻ آهي،ايران جي خاتون اول هوم اڪنامڪس يونيورسٽي لاهور جو دورو ڪيو جتي کيس يادگار پيش ڪيو ويو.ڊاڪٽر جميله عالم الهادي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا ٻه طرفا مضبوط تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپا آهن. ايران لاڳاپن، واپار، رابطي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو عظيم ايجنڊا رکي ٿوايراني خاتون  اول چيو ته هي دورو پاڪ-ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو هڪ اهم موقعو آهي. پاڪستان ۽ ايران نه رڳو پاڙيسري پر سٺا دوست پڻ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.