اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل لاءِ ڪو پيغام ناهي مليو، هو مون سان ڇا تي ڊيل ڪندا: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ): اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ طرفان  هن سان ڊيل بابت ڪنهن به  نه ڳالهايو آهي ۽ نه ئي هن کي ان  حوالي سان ڪو پيغام مليو آهي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قائم عدالت ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين جي هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته 8 فيبروري تي جڏهن عوام هڪ طرف بيٺو هو ته اهو ئي وقت هو، پر ان وقت ڪو به رابطو نه ٿيو. سوال اهو آهي ته اهي مون سان ڪهڙي ڳالهه تي ڊيل ڪندا؟ عمران خان وڌيڪ چيو ته ملڪ جو موجوده سيٽ اپ پاڪستان جي مستقبل کي نقصان پهچائي رهيو آهي. عمران خان چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون رڳو پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ لاءِ ملتوي ڪيون ويون. هن الزام هنيو ته سپريم ڪورٽ ۾ به سندس درخواست نه ٻڌي وئي، ڇاڪاڻ ته هو به پي ٽي آءِ جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. عمران خان دعويٰ ڪئي ته ان صورتحال سبب عوام جو عدليه تان اعتماد کڄندو پيو وڃي. اڳوڻي وزيراعظم الزام هنيو ته ملڪ ۾ ادارا آئيني طور نه هلي رهيا آهن، جڏهن ته آچر تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ پوليس مداخلت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواه ۾ به ننڍي چونڊون ٿيون پر نه پوليس ڪا ايف آءِ آر داخل ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن اميدوار ڌانڌلي جي شڪايت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته سندس گهرواري بشرا بي بي جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي پر ان جي باوجود کيس عدالت سزا ٻڌائي کيس هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو آهي، جڏهن ته سندس ٽن ڀينرن تي به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.