عمران خان سان ڳالهيون ڪير ڇو ڪندو؟ عطا تارڙ

اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته بشريٰ بي بي جي صحت بابت سياست ڪئي پئي وڃي، بشريٰ بي بي کي  زهر ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، سوشل ميڊيا تي سنسني پکيڙي پئي وڃي ته سڀ بني گالا پهچو، ايمبولنس اچي رهي آهي، هن چيو ته بشريٰ بي بي جا سمورا ٽيسٽ بهترين ميڊيڪل سينٽر مان ڪرايا ويا آهن، بلڊ رپورٽن ۾ زهر ڏيڻ جا آثار اچي ويندا آهن، هن جي اي سي جي به ڪليئر آهي، گيسٽرو جو معمولي اثر آهي، هن چيو ته ان ڳالهه کي تسليم نٿو ڪريان ته عمران خان کي قانوني عمل چيڀاٽي سزائون ڏنيون ويون،پاڪستان ۾ ڪرپشن جو سڀ کان وڏو ڪيس 190 ملين پائونڊ ريفرنس آهي، هن چيو ته عمران خان سان ڳالهين جو تاثر غلط آهي،هن سان ڳالهيون ڪير ڪندو؟ ڪهڙي حوالي سان ڪندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.