اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي اجازت سان چيف جسٽس آف پاڪستان کي ست نقاطي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪجهه عرصي کان عدليه جي صورتحال بابت ٻڌايو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي لکيل خط ۾ پي ٽي آءِ جي باني، سول بالادستي ۽ آئين جي بالادستي تي زور ڏنو آهي. خط ۾ پي ٽي آءِ باني نواز شريف جي توشاخاني مان گاڏي جي معاملي تي نيب جو بيان به لکيو آهي. چيو ويو آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته توهان ثابت ڪيو ته توهان واقعي اصولن ۽ قدرن تي يقين رکو ٿا يا اها صرف خالي بيان بازي هئي. پي ٽي آءِ باني جي خط ۾ بهاولنگر واقعو، ججن جو خط ۽ راولپنڊي ڪمشنر ڪيس به لکيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊن ۾ بي ضابطگين بابت پي ٽي آءِ جي درخواست ٻن مهينن کان التوا ۾ آهي. اهم معاملن ۾ توهان جي ۽ سپريم ڪورٽ جي غير سنجيدگي ملڪ کي اڳي ئي منهن ڏيڻ واري آئيني بحران کي وڌائيندي ۽ ان کي پاتال جي ويجهو آڻي ڇڏيندو.