مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿرڪول انرجي بورڊ جي نون ميمبرن تي پ پ ٿر اعتراض ورائي ڇڏيا،سخت مخالفت،تازو سنڌ سرڪار پاران صوبائي ڪوئلو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳوڻي ڪنوينر ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي تي سڀ کان پهرين حق ٿر جي ماڻهن جو آهي، ٿرڪول منصوبي ۾ ٿر جي مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ناانصافيون ڪيون پيون وڃن, تازو سنڌ حڪومت پاران ٿرڪول انرجي بورڊ جي جوڙجڪ ۾ ٿر کان ٻاهر ماڻهن کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي جيڪا ٿر جي ماڻهن سان وڏي ناانصافي آهي، هن چيو ته ٿرڪول منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنيون ڀرتين ۾ مقامي ماڻهن کي نه رڳو نظرانداز ڪري رهيون آهن پر مينيجمينٽ جي اهم عهدن تي ٿر کان ٻاهر ماڻهن کي مقرر ڪري ٿر جي فني ماهرن پڙهيل لکيل اهل ماڻهن سان زيادتي ڪري رهيون آهن، هن چيو ته ٿرڪول فيلڊ ۾ بلاڪ ون ٽو ۽ يو سي جي پراجيڪٽ مان ڪيتري وقت کان وٺي ٽامي جي تارن ۽ اسڪريپ جي چوري جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ڪمپنين جا عملدار ملوث آهن پر ڪا چوري ظاهر ٿيڻ تي سمورو الزام مقامي پورهيتن ۽ ڳوٺاڻن تي هڻي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي تنگ ڪيو وڃي ٿو،هن چيو ته ٿر جا ماڻهو نڌڻڪا ۽ لاوارث ناهن ڪمپنين پاران ٿر جي مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ناانصافيون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيون وينديون. هن چيو ته ٿرپارڪر ڪوئلو ايڪشن ڪاميٽي کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي پهرين گڏجاڻي تاريخ 28 اپريل 2024 تي آچر جي ڏينهن مٺي ۾ رکي وئي آهي.